درگاهه سيد ساجن سوائي

درگاهه سيد ساجن سوائي: سيد ساجن سوائي لاڙ جو هڪ ڪامل ولي ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سندس درگاهه لاڙ ۾ ڏندي ريلوي اسٽيشن کان ٻه ميل کن پري، ڦليليءَ جي ڪپ تي آهي، جتي وڏو ميلو لڳندو آهي. لاڙ ۾ هي ميلو ميلن ۾ ليکيو ويندو آهي. هن سيد جو اصل نالو ’ساجن‘ ۽ ’سوائي‘ سندس لقب آهي. پاڻ اصل مٽيارين جو هو. مخدوم نوح سرور هالائيءَ جو مريد هو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو شيخ هو. سندس اولاد ۾ به ڪرامت جا صاحب ۽ ولي ٿي گذريا آهن. خاص طور تي سندس پوٽو سيد پني لڌو شاهه نامور هستي ٿي گذريو آهي. سيد پني لڌو شاهه پنهنجي پوري زندگي خدا جي ياد ۾ گوشه نشينيءَ جي عالم ۾ گذاري. هڪ ڀيري هو درياهه جي ڪناري کان گذري رهيو هو ته کيس ڏسي سڀ ڏيڏر ڀڄڻ لڳا. شاهه صاحب اها حالت ڏسي بيهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو ته: ”شايد مون ۾ اڃا به غير ڏٺو اٿن.“ پوءِ اتي ئي پٽ تي ويهي روئڻ ۽ استغفار ڪرڻ لڳو.
ڪجهه ئي دير ۾ سڀيئي ڏيڏر پاڻيءَ مان نڪري سندس چؤڌاري ٽپ ڏيڻ لڳا. سندس لاءِ هيءَ روايت به مشهور آهي ته پنهنجي رهائش گاهه کان وٺي پنهنجي ڏاڏي بزرگوار سيد ساجن سوائيءَ جي درگاهه تائين پهچڻ ۾ کيس صبح کان شام لڳي ويندي هئي، دير جو سبب هي هوندو هو ته زمين تي جيڪو به ڀتر يا پٿر وغيره ڏسندو هو، سؤ کڻي رستي تان هٽائيندو ويندو هو. سيد پني لڌي شاهه جي وفات کانپوءِ سندس فرزند قبي ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس اجازت نه ملي سگھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو